اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ مجموعي طور تي 40680 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي جاري منصوبن جي لاءِ 13858.266 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي جڏ??ن ته نئين منصوبن جي لاءِ 26821.734 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي. ناڻي واري وزارت پاران مليل دستاويز موجب نئين مالي سال ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي منظور ٿيل ڪاٿي واري لاڳت 37605.593 ملين رپيا آهي جڏ??ن ته جاري منصوبن جي مجموعي منظور ٿيل ڪاٿي واري لاڳت 81556.749 ملين رپيا آهي.