اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي ??اص ڌيان ڏنو ويندو، روانگ?? واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن لاءِ نوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جي ??ار?? ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻ?? واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي ??ي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عالم?? واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي ا??رن کان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. ??ار?? مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻ?? واري وزير چيو ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي ??اص ڌيان ڏنو ويندو. روانگ?? واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگ?? واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.