اسلام آباد – 08 جون (اي پ?? پي) مجموعي ملڪي قرضن جو ڳاڻيٽو مالي سال جي پ??رين 9 مهينن جي پڄاڻي تائين 59247 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، حڪومت 5541 ملين ??ال?? عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾ 4541 ملين ??ال?? بئنڪن ۽ هڪ ارب ??ال?? عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا ويا. قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب ملڪي قرض/اندروني قرض جو ڳاڻيٽو 35076 ارب روپيا جڏهن ته پرڏيهي قرض 24171 ارب روپيا 85.2 ارب ??ال?? جي سطح تي آهي. مالياتي خساري کي پ??رو ڪرڻ ?? قرضن جي ادائيگين لاءِ حڪومت ڊگهي مدي واري ملڪي قرضن تي ڀاڙي رهي آهي. حڪومت طرفان 527 ارب روپين جي ٽريزري بلز جي ادائيگي سان ننڍي مدي واري قرضن جي ڳاڻٽي ۾ خاطر ??واهه گهٽتائي آئي آهي. حڪومت قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي 310 ارب روپين جي ادائيگي ڪئي. جولاءِ 2019ع کان هن وقت تائين حڪومت 2 هزار روپيا قرضن جي مد ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ادا ڪيا. اقتصادي سروي موجب ٻاهرين قرضن جي مد ۾ آءِ ايم ايف جي ستين ۽ اٺين جائزي تحت 1166 ملين ??ال?? وصول ڪيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان 1500 ملين ??ال?? ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ??ال?? وصول ٿيا. ان کانسواءِ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان 1900 ملين ??ال??ن جو قرض به ري فنانس ٿيو. حڪومت چين طرفان 3 ارب ۽ سعودي عرب طرفان به 3 ارب ??ال?? رول اوور ڪرايا جيڪي بجيٽ سپورٽ لاءِ استعمال ۾ آندا ويا. سعودي عرب طرفان 900 ملين ??ال?? تيل جي صورت ۾ ڏنا ويا. حڪومت 5541 ملين ??ال?? عالمي ڪمرشل قرض واپس ڪيا جنهن ۾4541 ملين ??ال?? بئنڪن ۽ 1000 ملين ??ال?? عالمي سڪوڪ بانڊز جي مد ۾ ادا ڪيا آهن.