اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي اٽڪل 14 ٽريلين رپيا ماليت جي وفاقي بج??ٽ سڀاڻي (جمعي) ڏينهن پي?? ڪندي، ناڻي ۽ اوڳا??ين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بج??ٽ پي?? ڪندو. حڪومت ملڪي ۽ عالمي سطح تي معيشت کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بج??ٽ ٺاهي وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بج??ٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ زرعي صنعت ۾ نواڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جو فروغ، روانگي واپار ۾ اضافي، صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي دستاويزي بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. حڪومت عوام ۽ ڪاروبار دوست وفاقي بج??ٽ پي?? ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح سان پرعزم آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بج??ٽ ۾ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالياتي استحڪام جي پاليسين تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي. ٻاهرئين مالياتي ادائيگين جي انتظام کانسواءِ اوڳا??ين ۾ اضافي، اقتصادي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ قدمن، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي روزگار جا موقعا پي??ا ڪرڻ سان گڏ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي جي لاءِ عوام دوست پاليسيون بج??ٽ ۾ شامل ڪيون وينديون. نئين مالي سال جي وفاقي بج??ٽ ۾ گورننس ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سڌارا متعارف ڪرائڻ کانسواءِ سماجي شعبي جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. حڪومت ٽيڪس وصولي جي نظام ۾ بهتري آڻڻ، ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. جاري مالي سال دوران اوڳا??ين جي مضبوط واڌويجهه کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ اوڳا??ين جي وصولي جو هدف 9 ٽريلين رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب نئين مالي سال 24 – 2023ع جي وفاقي بج??ٽ جي لاءِ سموريون تياريون جاري آهن.