اوسلو – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اوسلو ۾ ناروي ج?? نائب پرڏيهي وزير ايرلنگ ريمسٽاد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ناروي ج?? امداد تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ مائيڪرو هائيڊرو پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گرين انرجي ۽ شپنگ ۽ بليو اڪانومي ج?? شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ڳڻتي ج?? عالمي/ علائقائي مسئلن ??شم??ل ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.