اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ کان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پو??يش?? حاصل ڪندڙ شاگردن پڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ پڄاڻي واري ويهڪ جو خاص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو. ا?? پڄاڻي واري سيشن ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف در??ن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو آئين منهنجي آزادين جو ضامن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خطاب تي ايوان کان خوب داد وصول ڪيو. سڀ کان وڌيڪ داد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي مقابلن ۾ پهرين پو??يش?? حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول لاهور جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄاڻي واري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي شاگرد شاگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي شاگرد سيد وقار ??يد?? زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد اقدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.