اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي محتسب بلوچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي محتسب بلوچستان ??در کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ??در چيو ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. ??در چيو ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلوچستان جي عوام کي محتسب جي ڪردار با??ت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موقعي تي صوبائي محتسب ص??ر کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي با??ت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي محتسب بلوچستان چيو ته صوبائي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون جن مان 1043 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪايتون تعليم ۽ صحت جي کاتن با??ت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ ع??امي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.