اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن کي مفت اٽي جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي، سياسي قيادت، سمورن ادارن ۽ ز??دگ?? جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ملڪ جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي خاندان بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ نه آهن انهن کي به اٽي جا ٽي ٿ??لها فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيال?? جو اظهار هن راولپنڊي ۾ مفت اٽي جي فراهمي جي مرڪزن جي معائني دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو صحت وارو نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ملڪ ابرار احمد، ڪمشنر اولپندي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم اٽو حاص?? ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ شهرين کان انهن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ مفت اٽي جي فراهمي ۾ ايندڙ مشڪلات?? جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪمشنر راولپنڊي مفت اٽي جي فراهمي جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي عوام جيڪا راولپنڊي ۾ رهي ٿ??، کي پڻ مفت اٽي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪي خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رڪارڊ تي نه آهن پر غربت جي لڪير کان هيٺ ز??دگ?? گذاري رهيا آهن، انهن کي به مفت اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ نادرا ۽ پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڄ کان اهو نظام ڪم شروع ڪري ??ڏي??دو. وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن کي نالو نه هجڻ جي بنياد تي مفت اٽو فراهم نه پيو ڪيو وڃي، هاڻي انهن جي لاءِ فوري طور تي ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا ۽ انهن کي به اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اڄ اڱاري کان مفت اٽي مرڪزن تي ٽي ٿ??لها گڏ ڏنا ويندا ته جيئن انهن کي بار بار اچڻ جي زحمت نه ٿئي، جيڪي ماڻهو هڪ ٿيلهو وٺي چڪا آهن انهن کي اڳئين ڀيري اچڻ تي گڏ ئي ٻه ٿيلها ملندا. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي جي لاءِ پنجاب حڪومت جي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته مفت اٽي جي فراهمي جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ اسان هر دڪان تي سستو اٽو پهچايو ۽ هاڻي مفت اٽي جي فراهمي جيڪو هڪ وڏو مشڪل ڪم هو، بهتر طريقي سان پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ مفت اٽي جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي خواب جي تعبير موجب تعمير ڪرڻ جي لاءِ سموري سياسي قيادت ۽ ادارن کانسواءِ ز??دگ?? جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.