ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي ل??ڳاپن کي سمورن شعبن ۾ مستحڪم ڪرڻ جي ل??ءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي زور ڏنو آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ڻ ۽ انهن کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امار??ت جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات ڪئي. شيخ محمد بن راشد المڪتوم وزيراعظم جو دبئي ۾ استقبال ڪيو ۽ ان جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات کي هڪ اعتماد جوڳو سياسي ۽ اقتصادي حصيدار طور ڏسي ٿو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي ل??ڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ل??ءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائڻ جي ل??ءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي هر سطح تي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ڻ ۽ انهن کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ل??ءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. شيخ محمد بن راشد المڪتوم پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جنهن گڏيل عرب امار??ت جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ تاريخي ل??ڳاپن کي ساراهيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ل??ءِ گڏيل عرب امار??ت جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن راشد المڪتوم کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.