اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائيشيا جي نئين وزيراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ??تف??ق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ ??تف??ق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ملائيشيا سان گهڻ رُخي ??نيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ مضبوط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي ??بديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي ??نيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عالمي ڪا??فر??س تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي جت?? عالمي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ گڏ ٿيندي.