اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريا?? ٿو ۽ هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريا?? ٿو. پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ??ئون پنهنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي تي نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته ??طور پرڏيهي وزير منهنجو استحقاق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو منهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿيو آهي. سندس محنت جي ڪري پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??ندس دورن جي ڪري پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستان هن وقت جي 77 يعني پوري دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي اتحاد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ??سان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو ج??ڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ??وهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙهو. دنيا جي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته ??المي فنانشل ادارا امير ملڪن بدران غريب ملڪن کي فائدو ڏين.