نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ??رب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم محمد بن سلمان عبدالعزيز السعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي سعودي ??رب جي 92 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي ??رب جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن سعودي ??رب جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي صورتحال ۽ امداد ۽ بحالي جي جاري ڪوششن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم ”ڪنگ سلمان هيومنيٽيرين ايڊ اينڊ ريليف سينٽر“ پاران ٻوڏ وا??ن علائقن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ امدادي سامان جي پهچ لاءِ ”فضائي پل“ جي قيام ۽ پاڪستاني ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عوام کان عطيي جي وصولي لاءِ سعودي ??رب ۾ ”ساهم“ پورٽل شروع ڪرڻ ??ي خادم الحرمين الشريفين جا ٿورا مڃيا. سعودي ولي عهد پاڪستان ۾ تيز چومالسي جي برساتن ۽ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري عوام جي قيمتي جانين جي زيان ۽ روزگار جي ذريعن ۽ ملڪيتن جي نقصان تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ سعودي ??رب جي مسلسل مدد ۽ حمايت کي ساراهيو ۽ ولي عهد کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ وسيع تر سيڙپڪاري ۽ حصيداري سان عبارت مضبوط حصيداري سميت جاري قدمن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.