اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيا?? موجب پرڏيهي وزير يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي?? ۽ ??ڪومت پاران بحالي ۽ امداد جي سرگرمين کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري امدادي سرگرمين جي لاءِ 30 ملين ڊالر جي امدا?? تي يو ايس ايڊ جا ٿورا مڃي?? ۽ ??و ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سان پاڪستان جي لاءِ عالمي برادري جي وسيلن کي متحرڪ ڪر?? جي حوالي سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر جي وچ ۾ ملاقات دورا?? موسمياتي تبديلي ۽ ان سان مقابلي جي لاءِ حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.