اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي ??ي) وزي??اع??م شهباز شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي ??ريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي ??ريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي ??وبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي ??ه هر ممڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کاتن جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ??ريعي شرڪت ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جي??وڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي ??لاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي ??ه هر ممڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي ??دمت اولين فرض آهي. وزي??اع??م نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي ??وبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، وزي??اع??م چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرار رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا انهي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.