اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف مل?? ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته مل?? ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ ذخيره اندوزي روڪڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ طلب ۽ پهچ جو ٺوس نظام بڻائڻ سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ سخت بارڊر ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مل?? ۾ ڪڻڪ ۽ يوريا جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزي??اع??م لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته مارڪيٽ ۾ يوريا ۽ ڊي اي پي جي مستحڪم ۽ گهٽ اگهن تي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن مل?? ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو ٿي سگهي. وزي??اع??م ان سلسلي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن مل?? ۾ يوريا ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ قيمتن کي مستحڪم رکڻ جي لاءِ هر مهيني جي شروع ۾ 2 لک ٽن يوريا جي اسٽريٽجڪ اسٽاڪ ۾ دستيابي ضروري آهي. وزي??اع??م سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان جي آبادگارن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ گهرو وزير راڻا ث??اءُ الله خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير سيد مرتضيٰ محمود، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وڊ??و لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.