اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??هباز شريف سان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر سيده نوشين زهره ??لاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نوشين زهره ??زيراعظم کي عهدو سنڀاليندي ئي عوامي ڀلائي وارن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ رمضان ۾ اٽي ۽ ٻين ضروري شين تي سبسڊي ڏئي سستو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪ جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.