اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ خا??د بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهد?? سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم شهباز شريف ??ڌيڪ چيو ته ٻنهي مل??ن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شهباز شريف ??طر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.