اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ جا ڪڌا ارادا ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، دهش??گر??ي ۽ نفرت انگيز تقريرون برداشت جوڳيون نه آهن، پوري قوم بدامني پکيڙيندڙ عنصرن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد آهي، دهش??گر?? عنصرن کي عبرت جو مثال بڻائڻ جي لاءِ ڪيسن جي تيزي سان فيصلن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان (نيپ) بابت ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ايپڪس ڪميٽي پشاور حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت دهش??گر??ن جي لاءِ زيرو ٽالرنس رکي ٿي ۽ دهش??گر?? عنصرن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ ڪيس فوري اڪلائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهش??گر??ي جي خطري کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ قومي ??يڪشن پلان جي گهڻ رخي موقف سان گڏ لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته پوري قوم دهش??گر??ي جي لعنت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته عوام کي احساس آهي ته مختلف عنصر فرقيواريت ۽ نفرت انگيز تقريرن جي بنياد تي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر رياست اهڙن ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. ايپڪس ڪميٽي دهش??گر??ي جي خاتمي وارن ادارن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ دهش??گر??ي جي خاتمي لاءِ ضروري قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته صوبن کي سائنسي ٽيڪنڪ اختيار ڪري ۽ جديد فرانزڪ ليبز قائم ڪري موثر جاچ جي لاءِ وڌيڪ وسيلا رکڻ جي ضرورت آهي. عدالتن ۾ دهش??گر??ي جي ڪيسن کي حتمي ??ڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. گهرو ڊويزن جي سيڪريٽري قومي ??يڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ دهش??گر??ي جي مالي معاونت کي روڪڻ، پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ، دهش??گر??ي جي ڪيسن جي جاچ ۽ پراسيڪيوشن، عسڪريت پسندي جي خلاف عدم برداشت، ??ان??ن لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي، مدرسن جي ريگيوليشن ۽ رجسٽريشن جا قدم شامل آهن. فاٽا جي اڳوڻن علائقن جو انضمام، فوجداري نظام انصاف ۾ سڌارن، فرقيواراڻي دهش??گر??ي جو خاتمو، اسمگل??گ، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بلوچستان ۾ مفاهمتي عمل ۽ پناهگيرن بابت مسئلا شامل آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پلان جي گهڻن نقطن تي اطمينان جوڳو عملدرآمد ٿيو آهي جڏهن ته بين الصوبائي مسئلن جي لاءِ صوبائي حڪومتن کان تعاون گهربل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، قومي ??لامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، چيف سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس ۽ سينيئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.