پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مريم نواز ملڪ مان ڀڄڻ چاهين ٿا، ان لاءِ هو عدم ا??تماد جي رٿ آڻڻ جو ڊرامو ڪري رهيا آهن، اسان ??ن ڳالهه جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ته قوم جي لُٽيل دولت واپس ڪرڻ کانسواءِ کين ٻاهرين ملڪ وڃڻ ڏيون، مخالف ڌر پارٽين ۾ سياسي ڄامڙا ويٺل آهن، انهن جي پارٽين جي اندر پنهنجي ريسرچ ۽ سوچ نه آهي، 1947ع کان 2006ع تائين اسان ??و ڪل قرض 6 ٽريلين روپيا هو، 2008ع کانپوءِ نواز شريف ۽ زرداري پنهنجي 10 سالن ۾ 23 ٽريلين قرض ورتو، ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان 18 بلين ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي ان لاءِ اسان کي سستا قرض کڻڻا پوندا، اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني پاڪستان ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن ڪئي، پاڪستان ??ي معيشت سروس سيڪٽر اڪانومي بڻجي وئي هئي، ان ??سڪلڊ ليبر ۽ بي روزگاري ۾ اضافو ٿيو، اسان ??اڍا تن سالن ۾ انڊسٽري ۽ زراعت کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي بمپر پيداوار ٿي آهي، اسان پوري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام نه هو، اڄ پهريون ڀيرو عمران ??ان ??مورن ادارن کي گڏ کڻي هلي رهيو آهي، اسان ڪڏهن ڇڪتاڻ جي سياست ناهي ڪئي، اڄ سمورا ادارا عمران ??ان ??ي وين کي سمجهن ٿا، سمورا ادارا حڪومت سان قدم سان قدم ملائي هلن ٿا. هي اهي ڪاميابيون آهن جيڪي عمران ??ان ۽ تحريڪ انصا?? حاصل ڪيون آهن ۽ انهي ڪري پاڪستان ??ستحڪام جي طرف وڃي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور پريس ڪلب ۾ رحيم الله يوسفزئي مرحوم ۽ ثناءُ الله مرحوم جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته رحيم الله يوسفزئي سان منهنجو ويجهو ۽ پراڻو لاڳاپو هو، افغان معاملن تي هو ڪمانڊ رکندو هو. رحيم الله يوسفزئي جو سڀ کان ??هم ڪم اهو هو ته هو پنهنجي رپورٽنگ ۾ انٽگريٽي کي برقرار رکندو هو، انٽگريٽي ڪنهن به رپورٽر لاءِ اهم آهي ان ??ا پنهنجا جيڪي به خيال هجن پر هو رپورٽ اها ڪري جيڪو ان ??ي اک ڏٺو هجي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه صحافين جي ذاتي پسند ۽ ناپسند ايتري وڌي وئي آهي ته هنن فيڪ نيوز پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪستان ??نهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي پريس طاقتور ۽ آزاد آهي، تمام گهٽ ملڪن جي اهڙي مثال ڏئي سگهجي ٿي جتي ميڊيا ايترو آزاد هجي، هن چيو ته دهشتگردي جي ڪري جتي باقي معاشري جي لاءِ مسئلا پيدا ٿيا اتي پريس ڪلب ۽ صحافين جي لاءِ به مسئلا پيدا ٿيا، پشاور ۽ خيبرپختونخوا جي صحافين دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏنيون آهن، هن چيو ته فري پريس جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسان ??ي اسٽرڪچر ۾ ورڪنگ صحافين کي ايڊيٽوريل پاليسي کان ??ئوٽ ڪرڻ آهي، ميڊيا جي اادارن ۾ ايڊيٽوريل پاليسي تي اونرز جو قبضو آهي، صحافتي تنظيمن ۽ ٻين ريگوليٽري ادارن کي پريس جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ميڊيا جي ادارن 40 سيڪڙو منافعو ڪمايو پر ميڊيا ورڪرز جون پگهارون نه وڌيون. هن چيو ته اسان ??ون سئو وڏين ڪمپنين 929 ارب روپيا منافعو ڪمايو، ڪجهه ڪمپنين وزيراعظم جي چوڻ تي پنهنجي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو، ان ??ي اسان ??نهن جا ٿورائتا آهيون، پر اڃان ??ه ڪجهه اهڙا ادارا موجود آهن جنهن منافعي جي باوجود پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ناهي ڪيو، هڪ ڪمپني جي منافعي ۾ 40س يڪڙو اضافو ٿئي ته ان ??و ڪم آهي ته هو پنهنجي ورڪرز جي پگهار ۾ اضافو ڪري، هن چيو ته ايڊيٽوريل پاليسي مالڪن کان ??فٽ ٿي ورڪنگ جرنلسٽس و?? اچڻ گهرجي ته جيئن هو پروفيشنل انداز ۾ هلي سگهي.اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??ي سياسي پارٽين ۾ به ڄامڙا ويٺل آهن، اسان ??ي سياست ۾ سطحي ليول آهي، ڪجهه پوليٽيڪل پارٽين جي پنهنجي ريسرچ ۽ سوچ آهي، پارليامينٽ ۾ انهن بحث شروع ڪئي ته آءِ ايم ايف جو پروگرام نه وٺڻ گهرجي پر ان ??و متبادل پيش نه ڪيو ويو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان ??زاد ٿيو، ان وقت کان 2006ع تائين اسان ڪل قرض 6 ٽريلين روپيا ورتو جنهن مان ??سان ??سلام آباد شهر ٺاهيو، گوادر خريد ڪيو، فوج کي مضبوط بڻايو، پاڪستان ??و اسٽرڪچر بڻايو، موٽرويز ٺاهيون پر 2008ع ۾ جڏهن زرداري ۽ ان کانپوءِ نواز شريف آيو ۽ انهن پنهنجي 10 سالن ۾ دوران 23 ٽريلين قرض ويرتو، ان ??قم مان ڇا ڪيو؟ هن چيو ته اڄ انهن جي ورتل ان قرض کي اسان کي لا??ڻو پئجي رهيو آهي، اسان ??ستو قرض کڻي مهانگو قرض ادا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته هن وقت ملڪ ۾ عمران ??ان ??ي حڪومت آهي، خيبرپختونخوا کي ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن عمران ??ان ??ي صورت ۾ پاڪستان ??حريڪ انصاف کي موقعو فراهم ڪيو ۽ پاڪستان ??ي سياست ۾ ٽو فيملي سسٽم جو خاتمو ڪيو ۽ ملڪ ۾ سياسي تبديلي کي ليڊ ڪيو، وفاقي وزير چيو ته عمران ??ان ??نجيدگي سان ملڪ کي ترقي جي شاهراهه تي گامزن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان کي سوشل ويلفيئر اسٽيٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان مديني جي رياست جي طور تي سوشل ويلفيئر جي نظام جو بنياد رکيو، خيبرپختونخوا جي حڪومت ڪارڊ جهڙو انقلابي پروگرام شروع ڪيو، هاڻي اهو پروگرام پنجاب، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان کي بلوچستان ۾ به شروع ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ان پروگرام تحت 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت هر شهري کي فراهم ڪئي وئي آهي، راشن پروگرام به شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان پروگرام تحت غريب ماڻهن کي کاڌي پيتي جي ضروري شين تي 30 سيڪڙو تائين رعايت ڏني ويندي، هن چيو ته اسان هڪ سوشل ويلفيئر اسٽيٽ جو بنياد رکيو، هن چيو ته ملڪ ۾ ڊي انڊسٽريلائيزيشن ٿي رهي هئي، هر شيءَ ٻاهران گهرائي استعمال ڪئي پئي وئي، اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني روپئي جي قدر کي هٿرادو طريقي سان ڪنٽرول ڪيو. هن چيو ته جڏهن به ڊالر وڌندو آهي ۽ روپئي جو قدر ڪرندو آهي ته سڀ کان وڌيڪ فائدو ان ??خص کي ٿيندو آهي جنهن جو پئسو ٻاهر آهي، هن چيو ته هن هڪ اهڙو ماڊل جوڙيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڊي انڊسٽرلائيزيشن ٿي ۽ پاڪستان ??ي معيشت سروس سيڪٽر اڪانومي بڻجي وئي، ان ??ي نتيجي ۾ ان ??سڪلڊ ڊويلپ ٿي، بي روزگاري وڌي، هن چيو ته اسان پنهنجي ساڍا ٽن سالن ۾ انڊسٽري ۽ زراعت کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي بمپر پيداوار ٿي آهي، هن چيو ته جڏهن وزيراعظم عمران ??ان ??قتدار سنڀاليو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پام آئل جي قيمت 500 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي ويجهو هئي، ۽ اڄ اها 1300 ڊالر ميٽرڪ ٽن جي ويجهو آهي. اهڙي طرح پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون به 40 ڊالر کان وڌي ڪري 92 ڊالر تي پهچي ويون آهن جيڪي شيون ٻاهران گهرايون وينديون آهن اهي مهانگيون آهن، اسان ??ن مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي آمدني ۾ اضافي جون ڪوششون ڪيون، اسان ماڻهن جي آمدني وڌائڻ تي زور ڏنو. 1100 ارب روپيا زرعي معيشت ۾ ويا، تعميرات جي شعبي ۾ هڪ هزار روپين جي سيڙپڪاري ٿي، انهن سمورين ڳالهين کانپوءِ ڪورونا وبا اچي ۽ ان پوري دنيا کي جڪڙي ڇڏيو، جيڪڏهن ڪو ملڪ ڪورونا وبا مان ٻاهر نڪري آيو ته سڀ کان پهرين پاڪستان هو ان ??ي تصديق ڪانومسٽ ۽ بلومبرگ به ڪئي ته سڀني کان وڌيڪ ڪورونا وبا ۽ معاشي بحران ??و بهترين طريقي سان مقابلو پاڪستان ڪيو، هن چيو ته اسان پوري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ سياسي استحڪام نه هو، اڄ پهريون ڀيرو عمران ??ان ??مورن ادارن کي گڏ کڻي هلڻي رهيو آهي، اسان ڪڏهن ٽڪراءُ واري سياست ناهي ڪئي، اڄ سمورا ادارا عمران ??ان ??ي ويزن کي سمجهن ٿا، سمورا ادارا حڪومت سان قدم سان قدم ملائي هلن ٿا، هي اهي ڪاميابيون آهن جيڪي عمران ??ان ۽ تحريڪ انصا?? حاصل ڪيون آهن ۽ انهي ڪري پاڪستان ??ستحڪام جي طرف وڃي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽيون ٽرانسفارميشن جي عمل مان گذري رهيون آهن، پي ايم ايل اين ۾ شريف فيملي جو اقتدار ختم ٿي رهيو آهي ان کانپوءِ ڪير پي ايم ايل اين جي سامهون اچي ٿو، پيپلزپارٽي ۾ به بلاول ڀٽو ليڊ نه پيو ڪري سگهي ته پيپلزپارٽي جو ليڊر ڪير هوندو. ان موجب پاڪستان ??ڳتي هلندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته هڪ ٻه ماڻهو ملڪ کان ٻاهر هليا وڃن ته پاڪستان ??ي سياست کي رڪجي ناهي وڃڻو، پاڪستان ??ي سياست هلندي رهندي، جنهن قسم جون اسان پاليسيون ورتيون آهن، ايندڙ پنج سالن ۾ انهن جا ثمر سامهون ايندا، ايندڙ مدت جي اندر اسان ڏسنداسين ته اهي پاليسيون گهاٽو وڻ بڻجنديون. پاڪستان ??ي سمت درست طرف گامزن آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اتحادي پارٽيون هجن يا ڪا به سياسي پارٽي هجي، سياست ماڻهن کي پنهنجي مفاد جي ڪرڻي هوندي آهي، هن وقت عمران ??ان کي جيڪو ڇڏي ويندو ان ??ي پنهنجي سياسي حيثيت زيرو ٿي ويندي، توهان ڏسندا ته ايندڙن جون لائينون لڳي وينديون ۽ وڃڻ وارا توهان کي ڪير به نه ملندو، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا نه مخالف ڌر جي ڳالهه ٻڌي نه حڪومت جي ٻڌي، ميڊيا ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ڊيٽ جي شرح کي ڏسي جيڪا 2018ع ۾ ڪيتري هئي ۽ هاڻي ڪيتري آهي، هاڻي ان ??رح ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي ان ??و مطلب آهي ته اسان مسلسل قرض واپس ڪري رهيا آهيون. قرضن جي ادائيگي لاءِ اسان کي قرض وٺڻا پئجي رهيا آهن، ايندڙ ٻن سالن ۾ اسان 18 بلين ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي ان لاءِ اسان کي سستا قرض وٺڻا پوندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته فيصل واوڊا جي ڪيس ۾ ليگل آپشنز موجود آهن، هو اهي استعمال ڪندو، اميد آهي ته فيصل واوڊا کي اعليٰ عدليه مان ??نصاف ملي ويندو. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي عوام دهشتگردي جو مقابلوي ڪيو اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان ??ي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن جي جوانن قربانيون ڏنيون، انهن جي احسان ??ي ڪري اسان ??من جي زندگي گزاريندا آهيون، پاڪستان ڪمزور نه آهي، اسان پهرين به ثابت ڪيو آهي، هاڻي به ثابت ڪنداسين ته اسان ڪمزور نه آهيون، وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته شهباز شريف ۽ مريم نواز جو عدم ا??تماد جي رٿ آڻڻ جو مقصد اهو آهي ته کين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملي وڃي پر اسان کين ان وقت تائين ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون جيستائين هو قوم جو لُٽيل پئسو واپس نٿا ڪن.