بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي سهولت لاءِ ٺا??يل پورٽل جو افتتاح ڪيو، چين ۾ پاڪستان جو سفير معين الحق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ان موقع?? تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته هن پورٽل جو مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ چيني ماهرن جي وچ ۾ فني رابطي جو فروغ آهي، هي پاڪستاني شاگردن ۽ چين ۾ پيشيواراڻي ڪميونٽي جي وچ ۾ رابطو وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو. ش??هه محمود قريشي چيو ته هي پورٽل جديد دريافتن جي ڏس ۾ معاونت فراهم ڪندو ۽ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.