اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ سربراهه پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران حاضر دور جي تغيراتي جيواسٽريٽجڪ ۽ جيو پوليٽيڪل ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ??رج??ان موجب ملاقات ۾ ايئر چيف وزيراعظم پاڪستان ۽ پرڏيهي وزير جي چين جي ايند?? دوري جي مناسبت سان پاڪستان جي دوست ملڪ چين سان تعاون ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ سمارٽ انڊڪشنز جي ذريعي ”پي اي ايف مارڊنائزيشن پروگرام“ بابت معلومات فراهم ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، پرڏيهي وزير پي اي ايف جي بي مثال پيشيوراڻي مهار?? کي ساراهيندي پاڪ فضائيه کي نيڪسٽ جنريشن ايئر فورس جي طور تي جديد رخن تي هموار ڪرڻ لاءِ ح??ومت جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، هن قائداعظم جي ويزن ”سيڪنڊ ٽونن“ تي عمل پيرا پاڪ فضائيه کي ملڪ جو فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع فراهم ڪرڻ تي ساراهيو. ان مو??عي تي ايئر چيف دنيا ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.