اسلام آباد – 06 جنوري (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي) چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چو??ري فواد حسين چيو ته اي سي سي چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي پهچندو. جنوري کان 6 لک ٽن مقامي ڀاڻ به مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو. عالمي منڊي ۾ تمام گهڻي قيمت جي باوجود اسان جي آبا??گا??ن کي ڀاڻ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.