اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان پنهنجي شرطن تي ٻڌل ٽينڊر جاري ڪري، سڄي دنيا مان مينوفيڪچررز ڪمپنيون اي وي ايم کڻي اچي وينديون، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو معاملو 2012ع م پيپلزپارٽي ۽ 2016ع ۾ (ن) ليگ اٿاريو، اسان انهي تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي اي وي ايم تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول نه رکي سگهي، اٽي ۽ کنڊ جا اگهه سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، ڪراچي جي قيمتن جو حساس اشاريه انڊيڪس تي 40 سيڪڙو اثر پوي ٿو، مسلسل ٽئين هفتي ضرورت جي شين جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، وزيراعظم گوادر ۾ احتجاج جو سخت نوٽيس ورت?? آهي، گوادر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي منصوبن تي اسلام آباد کان وڌيڪ خرچ ڪيو وي?? آهي، 700 ارب رپين جو سدرن بلوچستان پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو، ايترا وڏا فنڊز ڏيڻ جي باوجود مسئلا حل نه ٿين ته انهن منصوبن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ڪابينا شگر سيڪٽر ريفارمز جي حوالي سان قائم خصوصي ڪميٽي جي رپورٽ جون سفارشون عوامي راءِ جي لاءِ جاري ڪرڻ جي منظور?? ڏني، ڪابينا ويڪسي نيشن وڌائڻ، سماجي فاصلو برقر??ر رکڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي فضائي روٽ ۾ تبديلي جي منظور?? ڏني، پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ فضائي سفر جي شروعات لاءِ قازق ايئر ڪمپني کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ فضائي سفري معاهدي ۾ ترميم جي اجازت ڏني. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ملڪ جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تائين پهچ ۽ استعمال ۽ عملي جي تربيت جي حوالي سان شيڊيول تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان پنهنجي شرطن تي ٻڌل ٽيندر جاري ڪري، سڄي دنيا مان مينوفيڪچررز اي وي ايم کڻي اچي ويندا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو معاملو پيپلزپارٽي 2012ع ۾ اٿاريو، ان کانپوءِ 2016ع ۾ ان تي ٻيهر بحث ٿيو، 2017ع ۾ (ن) ليگ جي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته اها ان تي ٺوس رپورٽ تيار ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن کي چيو ويو ته اها ان حوالي سان عملي قدم کڻي، اسان انهي معاملي کي اڳتي کڻي وڌي رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي ان تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گوادر جي معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وفاقي وزيرن اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر جو دورو ڪندا ۽ اتي ٿيندڙ احتجاج جي حوالي سان معاملن جو جائزو وٺندا. وزيراعظم گوادر ۾ احتجاج جو نوٽيس ورت?? آهي ۽ ان حوالي سان سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته گوادر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي منصوبن تي اسلام آباد کان وڌيڪ خرچ ڪيو وي?? آهي، 700 ارب رپين جو سدرن بلوچستان پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو، ان رقم مان 560 ارب رپيا نج وفاق جو پئس?? آهي. ايترا وڏا فنڊز ڏيڻ جي باوجود مسئلا حل نه ٿين ته انهن منصوبن جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته ايترو پئسو وفاق کان صوبن ۾ منتقل ٿي رهي?? آهي ۽ منصوبن تي عملدرآمد نه ٿي رهي?? آهي. هن چيو ته ٻئي وفاقي وزير گوادر وڃي ٺوس رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي ضرورت جي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو ويو، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مسلسل ٽئين هفتي حساس اشاريه انڊيڪس هٺي وڃي رهي?? آهي، قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ صحت ڪارڊ ۽ راشن پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن جي ڪري سنڌ کي ڇڏي پوري ملڪ ۾ صحت جا خرچ جنوري کان حڪومت کڻندي، مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس طبقي کي صحت جي خرچن ۾ بچت ٿيندي ۽ اها بچت اهي ٻين شين جي لاءِ استعمال ڪري سگهندا. هن ٻڌايو ته حساس اشاريه انڊيڪس موجب ٽماٽي، چڪن ۽ پٽاٽي جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، نڊ ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ استحڪام آي?? آهي، مسٽرڊ آئل ۽ ٻين شين جون قيمتون به مستحڪم ٿيون آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ زرعي پاليسي ۾ ڪيترين ئي شين کي نظرانداز ڪيو ويو، اسان زرعي ملڪ آهيون پر داليون نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مان درآمد ڪريون ٿا. هن چيو ته درآمدي شيون مهانگيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۽ بن??لا??يش جي مقابلي ۾ سستو ملڪ آهي، رڳو چانهه کي ڇڏي باقي سموريون شيون هتي سستيون آهن. چانهه جي قيمت ڀارت ۾ 1232 رپيا، بن??لا??يش ۾ 916 رپيا، سريلنڪا ۾ 1117 رپيا آهي جيڪا پاڪستان ۾ 1315 رپيا في ڪل?? آهي. ان کانسواءِ باقي سموريون شيون اٽو، داليون، ڀاڄي هن خطي ۾ سڀ کان سستيون آهن. هن چيو ته هيلٿ ۽ راشن پروگرام کانپوءِ ماڻهن کي وڌيڪ سهولت ملندي، 50 هز??ر رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽي تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي، اهڙي طرح ان طبقي کي 2018ع ۾ اٽي جي قيمت کان گهٽ قيمت تي اٽو ملندو. هن ميڊيا کي چيو ته اها ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻ قيمتن جي ڀيٽ ڪري. ڪراچي ۾ هن وقت 20 ڪلو اٽي جي قيمت 1347 رپيا جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 1400 رپيا آهي. ان کانسواءِ پوري ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪجهه بهتري ڪئي آهي پر هن وقت به ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽي جو ٿيلهو اٽڪل اڍائي سئو رپيا مهانگ?? آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کنڊ به هن وقت ڪراچي ۾ اٽڪل 97 رپيا في ڪل?? آهي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ 90 رپيا في ڪلو جڏهن ته ڪجهه جاين تي 90 رپيا في ڪلو کان به گهٽ قيمت آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪري رهي آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت کي چئون ٿا ته اها ڪنهن ڪاوڙ کانسواءِ شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته ڪراچي جي قيمتن جو 40 سيڪڙو اثر ايس پي آئي تي پوي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڀاڻ جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا، گذريل سال اسان جون چار بمپر فصلون ٿيون، آبادگارن کي 400 ارب رپين جي اضافي آمدني ٿي، هن وقت يوريا جي قيمت عالمي منڊي ۾ 10 هز??ر رپيا جي لڳ ڀڳ آهي جيڪا اسان وٽ 1700 رپين ۾ ملي رهي آهي. قيمتن ۾ تمام وڏو فرق آهي. توانائي واري وزارت ۽ صنعت واري وزارت گئس پلانٽس کي گئس جي سپلاءِ جاري رکڻ جي لاءِ قدم کڻي، مقامي طور تي اسان وٽ گئس جي کوٽ جو مسئل?? آهي پر فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گئس جي سپلاءِ جاري رکي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ يوريا جي سڀ کان وڏي پيداوار ٿي جيڪا اٽڪل 33 ملين ميٽرڪ ٽن آهي. گئس جو مسئلو درپيش نه هجي ته ان ۾ وڌيڪ اضافو متوقع هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سمورن شهرن ۾ گئس سبسڊائيز آهي، ان جو بار انهن ماڻهن تي پئجي رهي?? آهي جن وٽ گئس نه آهي. 28 سيڪڙو ماڻهن جو بار 72 سيڪڙو کڻي رهيا آهن، اهو معاملو ڊگهي عرصي تائين نه ٿو هلي سگهي. هن چيو ته اسان وٽ گئس ۾ ساليانو 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي، وڏن شهرن ۾ ماڻهو سستي گئس جا عادي ٿي چڪا آهن، اسان کي ان نظام کي ري اسٽرڪچر ڪرڻو پوندو، انرجي تي انهن 72 سيڪڙو ماڻهن جو به ايترو ئي حق آهي جيڪي گئس کان محروم آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊي پي جي قيمت دنيا ۾ تمام مهانگي آهي، اسان ڊي اي پي نه ٿا ٺاهيون، 70 سيڪڙو ڊي اي پي درآمد ڪئي وڃي ٿي، ان جي عدم دستيابي جي ڪري يوريا جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو پر هاڻي ان جي قيمت گهٽ ٿي رهي آهي. پاڪستان بيورو آف شماريات موجب مجموعي طور تي يوريا جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. پاڪستان ۾ في ٻوري يوريا جي قيمت اٽڪل 1864 رپيا آهي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ في ٻوري 10 هز??ر رپين جي حساب سان وڪرو ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا شگر سيڪٽر ريفارمز جي حوالي سان قائم خصوصي ڪميٽي جي رپورٽ جون سفارشون عوامي راءِ جي لاءِ جاري ڪرڻ جي منظور?? ڏني آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي ڏس ۾ حفاظتي قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪابينا ويڪسي نيشن وڌائڻ، سماجي فاصلو برقر??ر رکڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن ڪورونا ويڪسين جي ٻي ڊوز ناهي لڳرائي، انهن کي درخواست آهي ته اهي ٻي ڊوز لڳرائين، ويڪسين جي هڪ ڊوز لڳائڻ سان ٽي ڀيرا پر جڏهن ته بي ڊوز لڳائڻ کانپوءِ قوت مدافعت ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي فضائي روٽ ۾ تبديلي جي منظور?? ڏني آهي. ان فيصلي سان فضائي فاصلي ۽ سفري خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. هن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ فضائي سفر جي شروعات لاءِ قازق ايئر ڪمپني کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي. ان فيصلي سان پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوسنئون هوائي سفر ممڪن ٿيندو ۽ گڏيل واپار ۾ مدد ملندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪابينا هوابازي ڊويزن جي سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان فضائي سفر جا معاهدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪابينا پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ فضائي سفري معاهدي ۾ ترميم جي اجازت ڏني. ان فيصلي سان پاڪستان ۽ عراق جي وچ ڪمرشل فلائيٽس ۾ اضافو ممڪن ٿيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستاني 10، 50، 100 ۽ هڪ هز??ر رپين جا پراڻا ڪرنسي نوٽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مان تبديل ڪرڻ جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تائين واڌ جي اجازت ڏني. هي اهي ڪرنسي نوٽ آهن جن جي ڊيزائن 2005ع م تبديل ٿي هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انساني همدردي جي بنياد تي افغان رهواسين جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ وڌيڪ آساني جي اجازت ڏني وئي آهي. ان فيصلي کانپوءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهربل سيڪيورٽي ڪليئرنس جو مدو 30 ڏينهن کان گهٽ ڪري 15 ڏينهن ڪيو وي?? آهي. هن ٻڌايو ته افغان عوام جي ڀلائي ۽ امداد جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي اوز جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي آسان بڻائن جو فيصلو ڪيو وي?? آهي. اهو فيصلو انساني همدردي ۽ افغانستان جي عوام کي امداد جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته پاڪستان جي رستي ٻين ملڪن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ افغان رهواسين جي لاءِ ڏنل سهولت جي لاءِ وڌيڪ 60 ڏينهن جي واڌ ڏني وئي آهي. ان سهولت ۾ زميني ۽ فضائي رستن سان سفر شامل آهي. ان کانسواءِ افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي اوز جي اهلڪارن جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو وي?? آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا کي اوگرا جي سالياني رپورٽ سال 20 – 2019ع پيش ڪئي وئي. ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي پيٽروليم مصنوعات جي ڪارڪردگي، پيداوار، طلب ۽ پهچ ۽ پيٽروليم صنعت جي بهتري جي حوالي سان سفارشون ڏنيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته ايل پي جي ڪمپنين کي 10 لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن جيڪي پاڪستان جي اندر نجي شعبي ۾ گئس درآمد ڪري ماڻهن کي فراهم ڪري سگهنديون. هن ٻڌايو ته ايل پي جي جي غيرقانوني پمپس ۽ پلاسٽڪ جي ڪنٽينرز جي خلاف پڻ مهم شروع ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 24 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اهڙي طرح ڪابينا توانائي بابت ڪميٽي جي 2 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 10 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. هن ٻڌايو ته اسان افغانستان کي 5 ارب رپيا اڳ ۾ ئي ڏئي رهيا آهيون، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جو اجلاس ٿي رهي?? آهي، ان ۾ افغان عوام کي وڌيڪ مدد تي پڻ غور ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فارما انڊسٽري پهريون ڀيرو پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي، دوائن جي قيمتن ۾ مناسب اضافو نه ڪيو ويو ته انڊسٽري ويهي رهندي، صحت ڪارڊ کانپوءِ علاج ۽ دوائون مفت فراهم ٿينديون، مهانگي دوائن جو مسئلو به ختم ٿي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح تشريح جو حتمي اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي، اهڙي طرح قانون ٺاهن جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. اليڪشن ڪميشن جا ماڻهو به قانون کي سمجهن ٿا، اليڪشن ڪميشن انتظامي ادار?? آهي، ان کي قانون موجب هلڻ?? آهي، جيڪڏهن هو اهڙي طرح اڳتي وڌي ٿو ته اها مثبت اڳڀرائي آهي.