اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خ??ن سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي ??طح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي ??ين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي ??زير ??يو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن ??يو ته اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن ??يو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري فواد حسين ??يو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن ??يو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي ??طح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين ع??لن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معا??لن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.