ڪراچي – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپلزپارٽ?? عوام کي مافياز جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت وزيراعظم ڪفالت احساس پر??گرام ۾ شامل نه ٿي، هر جڳهه تي انهن جي نالائقي ظاهر آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن غريب ماڻهو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ممل??تي وزير چيو ته هر جڳهه تي انهن جي نالائقي نظر اچي ٿي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وزيراعظم ڪفالت احساس پر??گرام ۾ شامل نه ٿي، جيڪڏهن اسانجي پر??گرام سان مسئلو آهي ته غريب ماڻهو جي لاءِ سنڌ حڪومت ڪو پر??گرام کڻي اچي. ممل??تي وزير چيو ته صحت ڪارڊ جي معاملي ۾ به سنڌ حڪومت اعتراض ڪري ٿي، وفاق سنڌ حڪومت کي ٽن سالن جي اندر 19 سئو ارب رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿيا، سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه ٿي اچي، غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اهي پئسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن. فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ناظم جوکيو جي قتل جي ايف آءِ آر به پي ٽي آءِ جي ميمبرن ڪٽرائي. ممل??تي وزير چيو ته گڏيل قومن موجب دنيا ۾ مهانگائي جو 50 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي سطح تي وڌي رهيون آهن، اسان پيٽروليم ليوي نه وڌايو، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس گهٽ ڪيو آهي. ممل??تي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوشش آهي ته عالمي مهانگائي جو اثر پاڪستان?? عوام تي گهٽ کان گهٽ ٿيو.