اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري بلوچستان يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌماڪي جي مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي زي??ن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا مذمتي بيانن ۾ هنن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڌماڪي ۾ زخمي?? کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هنن چيو ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر انسانيت جا دشمن آهن. شرپسند عنصر بلوچستان صوبي جي ام?? کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، انه?? کي پنهنجي ڪڌي مقصدن ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. هنن الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ۽ پونئير?? کي ان ناقابل تلافي نقصا?? کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا ڪئي.