ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان انفرادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪمن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، پا??ستاني سرزمين تي لکين افغان ??ناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان ??وازي جو ثبوت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ڪميونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پ?? آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. صدر ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پ?? آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پا??ستان حڪومت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان جي حڪومت وقت سر ڪوويڊ 19 وبائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين بيمارين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيا?? ڏين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پ?? آئي جي نمائندي انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿورو مڃيو.