اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اهو واحد ليڊر آهي جيڪو عوامي خدمت جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، پيپلزپارٽي سميت واريون لڳائيندڙ سياسي پارٽين ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، جيڪڏهن انهن کي عوام جو ايترو ئي ??يال هجي ها ته اهي پنهنجي دورن ۾ ڪرپشن بدران عوامي خدمت ت?? ڌيان ڏين ها، پي ٽي آئي ??ي واحد حڪومت آهي جنهن هر سال صوبن کي اين ايف سي کانسواءِ به برابر موقعا فراهم ڪيا آهن، سنڌ جي حڪومت جي ڪرپشن جي لازوال داستانن جي ڪري ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان، پ??ڻي فراهمي جي ڪي فور منصوبي تي وفاق پاڻ ڪم ڪري رهيو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اڄ تائين ته توهان اهو نه ٻڌائي ??گهيا ته اين ايف سي جي مد ۾ وفاق پاران ڏنل 1900 ارب ڪٿي استعمال ٿيا، ڪوڙ، ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس پيپلزپارٽي جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، پ??چيءَ چيئرمين صاحب، سليڪيٽيڊ جي تعريف تي توهان پورو لهو ٿا، سڀ ڄ??ڻي?? ٿا ته هڪ وصيت ت?? توهان ان عهدي تي آهي??. ه?? چيو ته انصاف، قانون جي بالادستي ۽ عوامي خدمت جي بنياد تي 2023ع جي اليڪشن ۾ به پي ٽي آئي ڪلين سوئيپ ڪندي، بلاول سميت ڌانڌلي سٽيل ۽ چور رستي کان اقتدار ۾ ايندڙ ائين ئي منهن ڏسندا رهندا، عوام ڄاڻي ٿي ته پيپلزپارٽي سدائين عوام جي خدمت جي آڙ ۾ ڦرلٽ ڪئي ??هي. هن چيو ته بلاول صاحب، توهان جي ڪارڪردگي اها ئي ??هي ته زرداري جي اولاد آهيو، ڪڏهن ڪنهن سياسي جدوجهد ۾ شامل نه ٿيا.