اسلام ??با?? – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ??يم??رن جي مقرري جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ کي خط لکي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان آئين جي آرٽيڪل 213 ۽ 218 موجب مخالف ڌر اڳواڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ ??يم??رن جي خالي جاين جي لاءِ خط لکيو آهي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٽي ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ??نه?? نالن تي مخالف ڌر جي جواب کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ مقرري ٿي سگهندي.