اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر فورم تي ڪشميرين ج?? سچي وڪيل ۽ دلير سفير جو حق ادا ڪيو، مودي جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم مذمت جوڳا آهن ج??هن ۾ ڪشمير جي حيثيت جو خاتمو ڪري لا?? ڊائون لڳائي 80 لک ڪشميرين ??ي والاريل وادي ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به وڌيڪ سختيون ڪيون ويون، ڪشميرين کي ظلمن ج?? نشانو بڻائي انساني حقن ج??ن خلاف ورزيون ڪيون ويون. اهي سمورا قدم مذمت جوڳا آهن ج??هن کي پاڪستان پوري دنيا ۾ بي نقاب ڪيو. استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان هر پليٽ فارم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشمير ۾ مودي جا ظلم ۽ ستم دنيا جي سامهون رکيا. چاهي اهو گڏيل قومن ج?? فورم هجي يا او آءِ سي هجي يا چاهي اها ان وقت جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات هجي، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي ڪشميرين ج?? سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو. ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين ج?? آزادي جي لاءِ پرامن جدوجهد آهي، حريت اڳواڻن ج??ن بي پناهه قربانيون آهن، برهان واني جهڙن ڪشمير جي شهيدن ڪشمير جي آزادي لاءِ پنهنجي جانين ج??ن قربانيون ڏنيون ۽ حريت اڳواڻن تڪليفون برداشت ڪيون آهن، هن چيو ته هزارين ڪشميرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، ڪشميرين ج?? پرامن حمايت جاري رکنداسين ۽ اسان ج?? اهو دنيا کان مطالبو آهي ته هو مودي جي آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ جي کلي مذمت ڪري ۽ گڏيل قومن ج?? قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان به هر سطح تي ڪشميرين ج?? لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو، جيستائين ڀا??ت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن ??ي واپس نٿو وٺي تيستائين مودي سرڪار سان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.