اسلام آباد – 07 211; مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ نئين سگهه نظر ايندي، وزيراعظم عمران خان جي سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني پورهيت دوست پاليسي تي مخالف ڌر جي تنقيد سمجهه کان مٿ?? آهي، مخالف ڌر اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چو??ڊ سڌارن، قانونسازي سميت هر سٺي ڪم جي مخالف آهي، تڪ اين اي 249 ري ڪائونٽنگ جو نه ري پول جو ايشو آهي، پي ٽي آءِ جي ري پول موقف تي اڄ (ن) ليگ بيٺل نظر اچي رهي آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيده ڪردار ادا ڪري ته هڪ اه??و چونڊ نظام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين جنهن کانپوءِ ايندڙ چو??ڊ نتيجا هر ڪنهن کي قابل قبول هوندا، مخالف ڌر ڪيس عدالتن ۾ اڪلائي جيڪڏهن نظام صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته اسان جا دروازا سدائين کليل آهن. هو واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.