قومي ادارن جي خلاف ڳالهائڻ شرمناڪ آهن: شبلي فراز

image
APP34-291220 ISLAMABAD: December 29 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz and SAPM on Petroleum Nadeem Babar jointly addressing a press conference in PID Media Centre. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فوج مخالف بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آهي ته قومي ادارن جي خلاف ڳالهائڻ شرمناڪ آهن، اهڙي قسم جي ڳالهين سان دشمن کي خوش ڪيو پيو وڃي، اهڙا بيان ڀارتي ميڊيا تي بريڪنگ نيوز طور تي هلايا وڃن ٿا، مريم ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ پاڪستان جي ازلي دشمن ڀارت جي پاڪستان مخالف ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، حڪومت کان ڇا استعيفيٰ وٺندا پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي فيصلي کانپوءِ ته پي ڊي ايم قصه پارينه بڻجي چڪي آهي، عمران خان جو اهو موقف آهي ته جيڪڏهن نواز ۽ زرداري کي اين آر او نه ملي ها ته اڄ صورتحال تمام مختلف هجي ها، 18 هين ترميم کانپوءِ به فيڊريشن جي روح کي برقرار رکڻ لازمي آهي، 2021ع جو سال ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو سال هوندو، موجوده حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سمورا واعدا پورا ڪري چڪي هوندي، سنڌ حڪومت پنهنجي سياسي مقصدن، پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ٿي جنهن سان تاثر پيدا ٿئي ته شين جي کوٽ يا قيمتن ۾ واڌارو ٿيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک