اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڀڳوڙو، ڪوڙو، چور ۽ ٺڳ آهي، 25 مئي تي ماڻهن کي ڊي چوڪ پهچڻ ۽ ڪالهه بني گالا پهچڻ جي ڪال ڏني ۽ پاڻ ڀڄي ويو، عوام کي هڪ ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ ۽ 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ ڪرپشن ڪري ڀڄي ويو، هو 8 سالن تائين فارن فنڊنگ ڪيس کان ڀڄندو رهيو، عمران خان نفرت انگيز تقريرن ماڻهن کي اتساهي ٿو، انتشار پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ ڀڄي وڃي ٿو، عمران خان جي امانت ۽ صداقت جو جنازو نڪري چڪو آهي، جيڪڏهن هن چوري ناهي ڪئي، ڪوڙ ناهي ڳالهايو ته سامهون اچي ۽ جواب ڏي، عمران خان ٻن آف شور ڪمپنين مان ايندڙ 78 ڪروڙ رپين جي فارن فنڊنگ KASB بئنڪ اڪائونٽ جي ذريعي وصول ڪئي، اهو اڪائونٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري جي منظوري سان کليو جنهن جا سمورا تفصيل ايف آءِ اي کي ملي چڪا آهن، عمران خان تماشن، ڊرامن ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي جو عادي آهي، حڪومت ملڪ جي معيشت کي ترقي طرف گامزن ڪري رهي آهي، ٻوڏ سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم جي هدايت تي ڪيش جي صورت ۾ فوري ريليف ٻوڏ متاثرين کي ڏنا پيا وڃن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان گذريل چار سال معاشي سرنگهون وڇايون، آءِ ايم ايف جو پروگرام تباهه ڪيو ته جيئن ملڪ ڏيوالپڻو ٿئي. هن چيو ته فارن ايڊيڊ پارٽي جو فارن ايجنٽ چيئرمين عمران خان ملڪ تي چار سال مڙهيل رهيو، ان جو مقصد ملڪ ڏيوالپڻو ڪرڻ هو. هن چيو ته موجوده حڪومت معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري رهي آهي، گذريل چار سال جي تباهين، مهانگائي، معيشت جي تباهي سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اتحادي حڪومت جو عزم آهي ته ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن ٿئي، مهانگائي گهٽ ٿئي، ماڻهن کي روزگار ملي، اسان جي معاشي استحڪام جو پلان ان سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن خبر پئي ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي ته هن فتنو، فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هو عوام جي اعتماد کي خطري ۾ وجهڻ چاهي ٿو، هن کي معيشت کي صحيح ڪرڻو هجي ته هو ورثي ۾ مليل صحيح معيشت جو ڏيوالپڻو نه ڪڍي ها. هن چيو ته عمران خان چور ۽ فارن ايجنٽ ثابت ٿيو آهي، هي 8 سالن تائين فارن فنڊنگ ڪيس کان ڀڄندو رهيو، هن بلين ٽري سونامي، مالم جبه، بي آر ٽي پشاور، هيليڪاپٽر ڪيس سميت ٻين ڪيسن ۾ جاچ بند ڪرائي، هي چار سالن تائين رڳو گوڙ ڪندو رهيو، سياسي مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ کانسواءِ هن ڪجهه نه ڪيو، ڪوڙ تي ٻڌل الزامن تي بيانيو ٺاهڻ جي لاءِ رياستي طاقت استعمال ڪئي، جڏهن عدالتن ۾ ثبوت ڏيڻ جو وارو آيو ته هي پنهنجو بيانيو ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران خان ماڻهن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، هي پنهنجي واعدي کان به ڀڄي ويو، عمران خان جي امانت ۽ صداقت جو جنازو نڪري چڪو آهي، هي ڪوڙو به آهي، چور به آهي، کيس فارن ايجنٽ مسلم ليگ (ن) يا اتحادي حڪومت نه پر اليڪشن ڪميشن ڊڪليئر ڪيو آهي. هن چيو ته عمران خان 5 ڀيرا غلط بيان حلفي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو، اليڪشن ڪميشن کي ان جي اڪائونٽنٽ فرم خط لکي چيو ته ان رڪارڊ جو ان سان ڪو تعلق نه آهي، جيڪا معلومات انهن کي ڏني ويندي هئي، انهي جي بنياد تي اسٽيٽمينٽس اليڪشن ڪميسن ۾ جمع ڪرائي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف کان KASB بئنڪ اڪائونٽ جا تفصيل به گهرندو رهيو جنهن تي بئنڪ خط لکي چيو ته اسان کي تفصيل ڏيڻ جي لاءِ ڪجهه وقت گهربل آهي ۽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر خط لکي چيو ته انهن جو سافٽ ويئر خراب آهي. هن چيو ته عمران خان جيستائين حڪومت ۾ رهيو، KASB بئنڪ اليڪشن ڪميشن کي ڪي تفصيل فراهم نه ڪيا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن بئنڪ کان پي ٽي آءِ جي چار ملازمن کانسواءِ اڪائونٽس جا به تفصيل گهريا، اڪبر ايس بابر به بئنڪ کان تفصيل گهرندو رهيو پر بئنڪ پاران ڪي تفصيل فراهم نه ڪيا ويا. هن چيو ته هاڻي بئنڪ کان تفصيل اچي چڪا آهن جنهن موجب پي ٽي آءِ جي نيشنل ڪمپين آفيس مسلم ٽائون لاهور جي سينٽرل فنانس بورڊ KASB بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏني، ان اڪائونٽ ۾ 78 ڪروڙ رپين جي فارن فنڊنگ آئي جيڪا KASB بئنڪ جي ذريعي ڪڍي وئي. اهو اڪائونٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري جي منظوري سان کليو. پارٽي جي سينٽر فنانس بورڊ جي صحيحن سان پئسا ان اڪائونٽس مان ڪڍي ذاتي اڪائونٽس ۾ ويندا رهيا، ان جا تصفيل ايف آءِ اي وٽ پهچي چڪا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٻن آف شور ڪمپنين جي ايڊريس 2 – زمان پارڪ آهي، اهي ڪمپنيون پينڊورا پيپرز ۾ به اچي چڪيون آهن ۽ عمران خان کان انهن ٻن ڪمپنين جو ڪيترائي ڀيرا پڇيو ويو پر هن ڪي تفصيل نه ڏنا. هن چيو ته عمر فاروق، قمر الدين احمد، حامد زمان ۽ عزيز الله نالي چئن ماڻهن جي نالي تي KASB بئنڪ ۾ اڪائونٽ کليا، پي ٽي آءِ جي فنانس بورڊ اهي چار اڪائونٽس کولڻ جي اجازت ڏني ۽ آف شور ڪمپنين کان رقم انهن اڪائونٽس ۾ آئي ۽ جڏهن عمران خان کان پڇيو ويو ته ان جي ترجمانن چيو ته اسان جو انهن اڪائونٽس سان پري پري تائين جو ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته اهي اڪائونٽ 8 سال اليڪشن ڪميشن کان لڪايا ويا، هاڻي بئنڪ پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪئي آهي، ان ۾ تفصيل اچي چڪا آهن، ايف آءِ اي وٽ اها ڊيٽ پهچي چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان 8 سالن تائين چوندو رهيو ته اليڪشن ڪميشن جو دائرو نه آهي، هاڻي هو چوي ٿو ته آئون جواب نه ڏيندس. هن چيو ته عمران خان فارن فنڊنگ ڪيس کي 8 سالن تائين دير جو شڪار ڪيو ۽ هاڻي جڏهن ان ڪيس جو فيصلو اچي ويو آهي ته هو چوي ٿو ته فيصلو جلدي ۾ ٿيو آهي. هن چيو ته عمران خان کان اپوزيشن سوال ڪري ته هو چوي ٿو ته آئون جواب نه ڏيندس. هن چيو ته عمران خان ججن ۽ اعليٰ پوليس آفيسرن کي ڌمڪائي ٿو، ڊي چوڪ ۾ بيهي ان شخص اڳ ۾ به پنهنجي ڌرڻي ۾ آءِ جي کي ڌمڪي ڏني هئي، هاڻي هن عورت جج کي به ڌمڪي ڏني. هن چيو ته عمران خان نفرت انگيز تقريرن سان ماڻهن کي اتساهي ٿو، انتشار پيدا ڪري ٿو ۽ پوءِ پاڻ ڀڄي وڃي ٿو. هن چيو ته عمران خان ماڻهن کي 50 لک گهر، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر هي ڪوڙ ڳالهائي ڀڄي ويو. سعودي عرب ۾ هن ماڻهن کان نعرا لڳرايا، انهن مزدورن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٿي. هن چيو ته عمران خان 25 مئي تي ماڻهن کي ڊي چوڪ پهچڻ جي ڪال ڏني، رات جو به هن ماڻهن کي بني گالا پهچڻ جي ڪال ڏني پر هي پاڻ ڀڄي ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جيڪڏهن چوري ناهي ڪئي ۽ ڪوڙ ناهي ڳالهايو ته هو سامهون اچي ۽ جواب ڏي، ڀڄي نه وڃي. هن چيو ته عمران خان جعلي وڊيوز ذريعي اصل ڪهاڻي کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي خلاف پنهنجي ٽرولرز جي ذريعي مهم هلرائي، توشه خانه جي چوري ڪئي، ان جي فارن فنڊنگ پڪڙي وئي، انهن سمورين شين تان هي نظر هٽائڻ جي لاءِ ڪهاڻي بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چيو ته عمران خان جي چوڻ تي شهباز گل سندس ٽرانسڪرپٽ پڙهيو ۽ عمران خان پنهنجو مقصد پورو ڪري ڀڄي وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان چوري ناهي ڪئي، ماڻهن کي ڌمڪيون ناهن ڏنيون ته راهداري ضمانت ڇو وٺي رهيو آهي، حقيقت ۾ هي بزدل ماڻهو آهي. هن چيو ته عمران خان چوندو رهيو آهي ته طاقتور کي قانون جي هيٺ اچڻ گهرجي ته اڄ هو قانون کان ڇو ڀڄي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان فارن فنڊنگ گهرائي پنهنجي سياسي پارٽي کي گندو ڪيو، هو پنهنجي پارٽي کي فارنڊ ايڊيڊ پارٽي ڊڪليئر ڪرائي پاڻ جواب ڏيڻ کان ڀڄي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان ان پاليسي تي گامزن آهي ته هر جڳهه تي ڪهاڻي کي بدلايو، ٽوئسٽ آڻيو، ڪوڙ ڳالهايو ۽ پوءِ ڀڄي وڃو. هن چيو ته هي احسان فراموش شخص آهي، هي ڪنهن جو محسن نه آهي. هن فارن فنڊنگ جي نالي تي ماڻهن کان پئسا ورتا، خيرات جي نالي تي ملندڙ رقم پنهنجي ذاتي اڪائونٽس ۾ منتقلي ڪئي. هن چيو ته هن شخص بيهي رياست جي رٽ کي چئلينج ڪيو آهي، پوليس ان تي ڪيس ڪري ٿي، ان تي سوموٽو ايڪشن ڇو نه ٿو ورتو وڃي. هن چيو ته نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو آهي، هن پنهنجي نسلن جو حساب ڏنو آهي، هو روزانو قانون جي اڳيان پيش ٿيندو رهيو، ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ڌيءَ سان گڏ وطن واپس آيو، پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجي اکين آڏو گرفتار ٿيندي ڏٺو. هن چيو ته شهباز شريف کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، اڄ هو وزيراعظم هوندي به نيب ۽ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته KASB بئنڪ اڪائونٽ جي جاچ ايف آءِ اي ۾ جاري آهي، صدر عارف علوي جي نالي تي به هڪ اڪائونٽ سامهون آيو آهي جيڪو اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪليئر نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان شهباز گل جي حوالي سان جنسي زيادتي جو ٽوئيٽ ڪري ان جي باقي رهيل عزت به داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي. شهباز گل تي ڪنهن به قسم جو ڪو تشدد ناهي ٿيو، رپورٽ اڄ عدالت ۾ پيش ٿي چڪي آهي، ڪنهن به قسم جي تشدد جا ثبوت ناهن مليا. هن چيو ته شهباز گل جي حوالي سان انڪوائري رپورٽ اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ٿي جنهن تي شهباز گل جو ٻن ڏينهن جو ريمانڊ ڏنو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان جي خلاف اسان وٽ سمورا ثبوت موجود آهن، هن ڌاڙو هنيو، رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪيو. هن چيو ته ان جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. هي اهو ئي شخص آهي جنهن پي ٽي وتي حملو ڪيو، ان جي پوري سياست نواز شريف ۽ شهباز شريف جو نالو وٺندي گذري آهي. ان کان اڳ ملڪ ۾ ٻوڏ جي حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ کان بحالي جي سرگرمين بابت ميڊيا جهڙي طرح آگاهي پيدا ڪئي، ساراهه جوڳي آهي، ميڊيا پبلڪ سروس ميسيج بابت بهتر طريقي سان آگاهي فراهم ڪئي. هن چيو ته 25 هزار رپيا في خاندان امداد جي ورڇ بابت پروگرام بابت به ميڊيا عوام کي عمده طريقي سان آگاهي ڏني. هن چيو ته ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک رپيا فراهم ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم جي هدايت تي ڪيش جي صورت ۾ فوري ريليف ٻوڏ متاثرين کي ڏني پئي وڃي. جن علائقن ۾ اين ڊي ايم اي جي خوراڪ ۽ دوائن جي صورت ۾ امداد نه ٿي وڃي سگهي، انهن علائقن جا ماڻهو ان رقم سان پنهنجي ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندا. مريم اورنگزيب چيو ته 5 ارب رپيا ماليت جو پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ رکيو ويو آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اين ڊي ايم اي کي فوري ريليف سرگرمين جي لاءِ فنڊز ڏنا وڃن. هن چيو ته ايمرجنسي ريليف اينڊ ريسڪيو جون سرگرميون جاري آهن، اين ڊي ايم اي، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان گڏجي گڏيل سروي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، متاثر گهرن جي معاوضي جي لاءِ ڪم به شروع ٿي چڪو آهي، فوت ٿيندڙن جي لاءِ 10 لک رپيا في ڪس رقم رکي وئي آهي جنهن جي ورڇگ ذريل هڪ مهيني کان جاري آهي. هن چيو ته اسان سڀني جي ذميواري آهي ته پرائيم منسٽر ريليف فنڊ ۾ حصو وجهون، ڪا حڪومت اڪيلي ايتري وڏي آفت سان نه ٿي وڙهي سگهي.