وزيراعظم عمران خان سان هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان جي ملاقات

image
APP76-310821 ISLAMABAD: August 31 - Federal Minister for Aviation Ghulam Sarwar Khan called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽ آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لاءِ رکيا ويا آهن. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آپريشن ۽ ريگيوليٽري ڪردار کي جدا ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان وزيراعظم کي ٻڌايو ته ٽيڪسلا ۾ ليبر ڪمپليڪس جي 500 فليٽس جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ 70 فليٽس آرڊيننس فيڪٽري واهه جي شهيدن جي لاءِ رکيا ويا آهن، انهن فليٽس جي قرعه اندازي جلد عمل ۾ آندي ويندي.

مضمون کا ماخذ : ریل رش