اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته برطانوي حڪومت کي سفارتي ذريعي آگاهه ڪيو آهي ته جوابدار نواز شريف عدالتن کي گهربل آهي، ميزبان ملڪ ان کي پاڪستان جي حوالي ڪري، ماضي ۾ انهن سياسدانن آ??ري ٺڪاڻي جي ڪري برطانيا، آمريڪا سميت ٻين ملڪن سان ڏوهارين جي مٽاسٽا جا معاهدا نه ڪيا، ڪراچي واقعي تي آرمي چيف ۽ سنڌ حڪومت جي انڪوائري رپورٽ تي سامهون ايندڙ سفارشن تي سنڌ حڪومت جي ذميداري هوندي ته هو ان تي عملدرآمد ڪرائي، ??لاول ڀٽو ۽ مريم نواز وراثتي سياست جي پيداوار آهن، احتساب جو عمل ڪنهن به صورت ۾ بند نه ٿيندو، تمام جلد سمورا ڪرپشن ۾ ملوث جيلن ۾ هوندا، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي واقعي ۾ سنڌ حڪومت جو پنهنجو ئي ڪردار هجي ص??ف ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ادارن سان جنگ جو ماحول بڻايو پيو وڃي، ??قيقي مخالف ڌر جو وجود ئي نه آهي، پراڊڪشن آ??ڊر، قيادت جي ڪرپشن کي لڪائيندڙ حقيقت ۾ مف??د پرستن جو ٽولو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معيشت مسلسل بهتري طرف وڃي رهي آهي، ??سان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪاروباري صورتحال معمول تي اچي رهي آهي، ??وزاني ٻاهرين ملڪن کان مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.