اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ڪشمير ۽ گلگت ??لت??تان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جمهوري نظام جي استحڪام تي يقين رکون ٿا، گلگت ??لت??تان ۾ صاف شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ اليڪش ڪميشن جي ذميواري آهي، گلگت ??لت??تان کي صوبي جي آئيني حيثيت ڏيڻ جو فيصلو اليڪشن جي ڪري نه پر اتان جي عوام جي امنگن جي ڏس ۾ ڪيو آهي، گلگت ??لت??تان پاڪستان جو معاشي بيس ڪئمپ ثابت ٿيندو، گلگت ??لت??تان قانونساز اسيمبلي ??ون چونڊون 15 نومبر 2020ع تي ٿينديون جنهن ۾ مجلس وحدت المسلمين (ايم ڊبليو ايم) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، تحريڪ اسلامي پاڪستان ۽ ٻين پارٽين جي اتحاد جي حوالي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن مجلس وحدت المسلمين جي اڳواڻ ناصر عباس ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.