اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان چيو آهي ته حڪومت سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ منصفاڻو بڻائڻ جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، توانائي جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن مستحقين ۽ غربت جو شڪار ماڻهن کي شفاف ۽ منظم طريقي سان معاونت فراهم ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور سيڪٽر سان لاڳاپيل سڌارن جي حوالي سان اعليٰ سطحي ا??لاس جي صد??رت ڪندي ڪيو.