اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ورجائڻ گهرجي ته اسان اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هر اهو ڪم ??نداسين جيڪو حق جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مفيد هوندو، اسان کي گهرجي ته اسان گڏيل نفاق، فرقه واريت ?? مذهبي منافرت کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ??ريون. صدر يوم عاشور ??حرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور ??عني 10 هين محرم الحرام کي الله تعاليٰ روز ازل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ان ڏينهن تاريخ انسانيت جا تمام گهڻن اهم واقعا رونما ٿيا جهڙوڪ حضرت ??دم جي توبه قبول ٿي، حضرت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، حضرت ??يدنا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو حضرت ??مر رضه پهرين محرم الحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور ??بي ڪريم خاتم النبيين صه جي ڏوهٽي حضرت ??مام عالي مقام حضرت ??مام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ماڻي ا??لامي تاريخ ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.