اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سي??يو??ٽي جي حوالي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جو??ي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ منصوبابندي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات و??رو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت و??رو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سي??يو??ٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چي?? سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.