اسلام آباد ??? 03 آ??سٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان ج?? وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آ??سٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مودي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت ملڪي آئين ج?? آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ج?? خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آهي، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواصلات جي بندشن ج?? نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.