اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي، 25 جولاءِ 2018ع تي پ?? ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عو??م گڏجي نئين سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فرسوده، مراعت يافته، اقرباپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ملي، اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ياد??ار ڏينهن آهي. 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسبت سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فرسوده نظام جا ??ال?? ملڪي ادارن ۽ معيشت کي کوکلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان ک?? اقت??ار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن چيو ته ڪورونا وبا کي نه رڳو منهن ڏنو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي کي اهميت ڏني وئي.