اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ ??ٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپر??شن??ائيز ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪر??چي ۽ گوادر ??ائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آپٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي پلان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون سان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ ??ان پاڪستان ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ ??ي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.