اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، حڪومت ان فيصلي مان مطئمن آهي. اهو بهتر فيصلو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز سان گڏ نيوز ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومتي موقف ??ابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته سپريم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنهن جج بابت سوال اٿاري سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپريم جڊيشل ڪائونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپريم جڊيشل ڪائونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.