اسلام آباد – 08 اپريل (??ي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته م??ال?? ڌر رپورٽ کي سياسي رنگ ڏيڻ بدران عم??ان خ??ن جي جذبي کي ساراهي، جنهن تاريخ ۾ خود احتسابي جو روشن مثال قائم ڪيو، حڪومت تي وار ڪرڻ بدران م??ال?? ڌر کي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو، انهن جي تاريخ مفادن جي ٽڪراءُ سان ڀريل آهي. وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته قوم اهو وقت نه وساريندي جڏهن پٽ پيءُ کي، چاچو ڀائٽيي کي ۽ صدر انور مجيد کي سبسڊي ڏيندو هو، چٽاڀيٽي ڪميشن جهڙو ادارو انهن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل هو، اتي اهو شخص مقرر ٿيندو هو جيڪو ان مافيا جي مفادن کي تحفظ ڏيندو هو، 6 خاندان 50 سيڪڙو کان وڌيڪ کنڊ تي ڪنٽرول ڪندا هئا.