اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان وفاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آهي ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ جي ??ست??بل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت ??هي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ و??اقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عم??ان خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪا??ڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي ??هي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.