اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مخت??ف ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ پي??هه جي پٿر وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم سرينگر هاءِ وي ??ي سيونٿ ايونيو اوور هيڊ برج جو افتتاح ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم آءِ جي پي روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان کانپوءِ وزيراعظم اليونٿ ايونيو جي پي??هه جو پٿر رکندو. وزيراعظم کي انهن منصوبن تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني ويندي ۽ وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.