اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ??هي ته گذريل چار سال پاڪستان جي عوام سرڪاري خرچ تي ڪ??ڙ ٻڌندي رهي آهي، اڳوڻي دور ۾ وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هڪ ??خص صبح شام ڪوڙ ڳالهايو ۽ الزام هنيا، عمران خان ڪنٽينر تي چڙهي ادارن کي نفرت جو نشانو بڻائي رهيو ??هي، اليڪشن ڪم??شن کي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 30 ڏينهن جي اندر فيصلو ڪرڻو آهي، ان جي ڪري عمران خان اليڪشن ڪم??شن جي خلاف ريفرنس آڻڻ چاهي رهيو ??هي، سڀاڻي پي ٽي آءِ جو بيانيو هوندو ته هڪ ??ازش ان جي خلاف آمريڪا ۾ ٿي ۽ ٻي سازش اليڪشن ڪم??شن ۾ ٿي رهي آهي، هن اوورسيز پاڪستانيز کي چيريٽي جي نالي تي ڦريو ۽ پئسا پارٽي فنڊنگ جي اندر ايندا رهيا، پاڪستان جي عوام انهن کي پئسا ڏنا جيڪي انهن ڊڪليئر نه ڪيا، اسپتال جي لاءِ چندو وصول ڪري پارٽي فنڊنگ ۾ استعمال ڪيا ويا، گذريل 8 سالن کان پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ لڪائڻ جي لاءِ ڀونڊا حربا اختيار ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪ??و. مريم اورنگزيب چيو ??ه گذريل چار سال پاڪستان جي عوام سرڪاري خرچ تي ڪ??ڙ ٻڌندي رهي، پي آءِ ڊي ۾ ڪوڙا ڪاغذ لهرايا ويندا رهيا، وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي مڙهيل هڪ ??خص صبه شام ڪوڙ ڳالهايو ۽ الزام هنيا، گذريل چئن سالن دوران مهانگائي، بيروزگاري، معاشي تباهي، ڪشمير فروشي، پرڏيهي پاليسي جي تباهي ٿي ۽ هاڻي هر ڏينهن حقيقتون پاڪستان جي عوام آڏو اچي رهيون آهن. هن چيو ??ه عمران خان ڪنٽينر تي چڙهي ادارن کي نفرت جو نشانو بڻائي رهيو ??هي، جن ججن ان جي آئين شڪني جي خلاف فيصلو ڏنو، هن انهن کي به نفرت جو نشانو بڻايو ۽ پنهنجي ڪ??ڙي سياست جي ور چاڙهيو، ان جو سبب رڳو اهو آهي ته ڪو به شخص ان کان ان جي ڪارڪردگي نه پڇي سگهي. هن چيو ??ه عمران خان صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ??ه هو چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ريفرنس آڻي رهيو ??هي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف ريفرنس ان لاءِ آڻڻ چاهي رهيو ??هي ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت اليڪشن ڪم??شن کي فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻو آهي. هن چيو ??ه اسد عمر به هاءِ ڪورٽ جي اندر پٽيشن داخل ڪئي هئي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي دستاويزن کي پبلڪ نه ڪيو وڃي ۽ اڪبر ايس بابر کي پهچ نه ڏني وڃي. مريم اورنگزيب چيو ??ه انهن جي حڪومت جي دور ۾ اسٽيٽ بئنڪ فارن فنڊنگ ۽ ان جي مني لانڊرنگ جا تفصيل سامهون آندا. هن چيو ??ه هاءِ ڪورٽ انهن جي پهرين اپريل جي پٽيشن به رد ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪم جاري ڪ??و ته اليڪشن ڪم??شن 30 ڏينهن جي اندر 8 سالن کان التوا هيٺ ڪيس جو فيصلو ڪري. هن چيو ??ه جيڪڏهن ڪنهن پارٽي فارن فنڊنگ وري آهي ته ان پارٽي ۽ ان جي چيئرمين کي به سزا ملندي. ان سڄي صورتحال کانپوءِ هاڻي پي ٽي آءِ جو بيانيو ??ڀاڻي اهو هوندو ته هڪ ??ازش آمريڪا ۾ سندس خلاف ٿي رهي آهي ۽ هڪ ??ازش اليڪشن ڪم??شن ۾ سندس خلاف ٿيندي. هن چيو ??ه گذريل 8 سالن کان فارن فنڊنگ لڪائڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ ڀونڊا حربا اختيار ڪيا ويا. هن يچو ته 16 اڪائونٽس ۾ روميٽا شيٽي انڊين شهري جو اڪائونٽ به شامل آهي جنهن جي اڪائونٽ مان انهن کي فنڊنگ ٿي، جيڪا ڊڪليئر نه ڪئي وئي، پاڪستان جي عوام انهن کي پئسا ڏنا جيڪي انهن ڊڪليئر نه ڪيا، ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ دبئي، برسٽل انجنيئرنگ سروس دبئي، پي ٽي آءِ يو ڪي ويسٽ ورڊ گارڊن بانز لنڊن، پي ٽي آءِ يو ڪي جي اسٽيٽ فرٽ شائر، ايس ايس ايس مارڪيٽنگ ڪم??ني، پي ٽي آءِ فن لينڊ، اي پلانٽ ٽرسٽي زيورڪ ناروي، آسٽريليا، ڪئناڊا مان انهن کي فنڊنگ ٿي، انهن اوورسيز پاڪستانيز کي چيريٽي جي نالي تي ڦريو ۽ پئسا پارٽي فنڊنگ جي اندر ايندا رهيا، اسپتال جي لاءِ چندو وصول ڪري پارٽي فنڊنگ ۾ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ??ه ڪئناڊا ۽ نيوزيلينڊ ۾ 349 ڪم??نيز جي اندر 88 ماڻهن کان فنڊنگ انهن ڊڪليئر نه ڪئي. هن چيو ??ه ممنوعه رقم جي مد ۾ انهن سمورن اڪائونٽس مان يو ??يس ڊي 73 لک 23 هزار ڊالر، پي ڪ?? آر 85 ڪروڙ 20 لک ڊالر انهن جي ذاتي اڪائونٽس ۾ ويا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ??ه اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب 2008ع ۽ 2009ع ۾ ست اڪائونٽس ڊڪليئر نه ڪيا ويا، 2009ع ۽ 2010ع ۾ رڳو ٻه اڪائونٽس ڊڪليئر ڪيا جڏهن ته ست ڊڪليئر نه ڪيا ويا هئا، 11 – 2010ع ۾ 13 اڪائونٽس ڊڪليئر نه ڪيا ويا، 12 – 2011ع ۾ 14 اڪائونٽس ڊڪليئر نه هئا، رڳو ٻه ظاهر ڪيا. 13 – 2012ع ۾ 14 اڪائونٽس ان ڊڪليئر هئا، رڳو چار ظاهر ڪيا. اها سڄي اها فارن فنڊنگ آهي جيڪا انهن اڪائونٽس ۾ ايندي رهي. هن چيو ??ه سڀاڻي انهن جو بيانيو هوندو ته منهنجي خلاف چيف اليڪشن ڪمشنر سازش ڪئي. مريم اورنگزيب چيو ??ه چار سالن تائين اهي حڪومت ۾ هئا، مخالف ڌر کي انهن جيلن ۾ بند ڪيو، ميڊيا کي عتاب هيٺ رکيو، زبان ندي ڪئي وئي، ادارن تي حملا ڪيا ويا ۽ هاڻي اهي سازش جو راڳ آلاپي رهيا آهن. هن چيو ??ه پي ٽي آءِ جو سازش جو بيانيو ??قيقتن جي ابتڙ آهي. جيڪو ڪوڙو سائفر انهن جي هٿ آِو، پرڏيهي وزارت جي ذريعي ناهي آيو، اهي سموريون حقيقتون فائيلز جي رڪارڊ جو حصو آهن. هن چيو ??ه چوري پڪڙي وڃي ته ڌمڪيون ڏيو، گاريون ڏيو، سزا موت جي چڪين ۾ وجهو، ڪوڙا الزام هڻو، اهو انهن جو شيوو آهي. مريم اورنگزيب چيو ??ه عمران خان توشه خانا مان 14 ڪروڙ ماليت جي شيون رڳو ٽي ڪروڙ ۾ خريد ڪيون، 2018ع ۾ انهن کي 50 سيڪڙو ريٽين جمع ڪرائڻو هو، انهن پاڻ ڪم??ٽي ٺاهي ۽ ان کي 50 سيڪڙو مان 20 سيڪڙو ڪري ڇڏيو، انهن پاڪستان جي عوام کي بيوقوف سمجهي رکيو ??هي، بطور وزيراعظم ملندڙ تحفن تي انهن دڪان لڳايا. هن چيو ??ه عمران خان جي خلاف ثبوت دستاويزي شڪل ۾ موجود آهن، انهن جي آئين شڪني تي رات جو عدالتون کليون، پنجاب اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو انهن جي اصل ذهنيت آهي، پوري دنيا ۾ اوورسيز پاڪستانين جون ڳالهيون ڪندڙن اوورسيز پاڪستانين جا ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيا آهن.