اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي غربت جي خاتمي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ??يڻ گهرجي، احساس فلاحي پروگرام غريبن کي ريليف ڏيڻ جو هڪ سٺو مثال آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ان پروگرام تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان مستحقين ۾ رقم جي شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ احساس پروگرا?? کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊا??يومينٽري“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر احساس پروگرام تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ??س ۾ پروگرام جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سينيٽر ڊا??ٽر ثانيه نشتر کي خرا?? تحسين پيش ڪندي چيو ته احساس پروگرام مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم حڪومت جي ذميواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن چيو ته احساس جا مختلف پروگرام اسلام جي فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جا پروگرام جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم جي پروگرامن ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ اسان ??ي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم ??اف??ه ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوامي صحت ۽ تعليم جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ??يڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خطي جي ٻين ملڪن تعليم جي شعبي تي ڌيان ??نو پر پاڪستان ۾ ان ??س ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ آهن. صدر چيو ته اسلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي محروم طبقن جي حالت سڌارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صوبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر چيو ته پاڪستان ??ورونا جي وبا دوران ٻين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته احساس پروگرام ۾ جن شين تي ڌيان ??نو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ شامل آهي. ان ??ان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غربت جي خاتمي جي پروگرام جي معاشري جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ??يو ويو. ”احساس 2047ع ڊا??يومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀني جي لاءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس پروگرام جي 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان هڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پروگرام فراهم ڪيا آهن. ان پروگرام تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم جي منتقلي، صحت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، روزگار جي لاءِ روڪ رقم جي فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آهن. ان ??ان اڳ غربت جي خاتمي واري پروگرام ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊا??ٽر ثانيه نشتر صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ??ئي. هن چيو ته احساس پروگرا?? کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، صدر ڊا??ٽر عارف علوي ۽ خاتون اول معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ان پروگرا?? کي اڳتي وڌائيندي.