اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق راءِ کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آءِ ايم ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل ??اعدن تي قائم رهندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪري ٽيڪسن جي ذري??ي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. صدر مشورو ڏنو ته ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺ?? وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فوري طور تي اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن بل کي بنا دير قانون بڻائي سگهجي.