اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح جي جاچ جو حڪم ۽ وفاقي وزير کان ??وري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ بجلي جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي اعليٰ سطح?? جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته وزيراعظم جاچ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان کان ??وري رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ايڏي وڏو بحران ??يدا ٿيڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ ان جي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي فوري بحالي جو حڪم ڏيندي چيو ته عوام کي مشڪلاتون ڪنهن به صورت ?? برداشت نه ڪنداسين.